53

ڪشمور امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور پهچي ويو

ڪشمور امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور پهچي ويو.سراج الحق جي آمد تي نيو شادي هال ۾ خطاب ڪيو ضلعي بھر ۾ منشياتs فروشن جو راڄ جاري، ڪشمور ڪنڌڪوٽ اغوا جي صنعت بڻجي ويو گڊو مان اغوا ٿيل ايم ايس ڊاڪٽر منير احمد نائچ کي 50 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪيو ويو آهي.22 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن شهر مان هندو نوجوان ساگر ڪمار کي اغوا ڪيو هو.بڊاڻي مان اغوا ٿيل جگديش ڪمار ۽ ڪشمور مان ساگر ڪمار کي زنجيرن سان جڪڙيل وڊيو وائرل ڪئي وئي جنهن جو هن مهل تائين ڪنهن نوٽيس ناهي اقليتي برادري پاڪستان جي تاريخي قوم آهي ڪنھن بي صورت ۾ اقليتي برادري کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو انهي موقعي تي اقليتي برادري جي طرفان امير جماعت اسلامي پاڪستان کي اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو اخر ۾ امير جماعت اسلامي پاڪستان چيو مان سنڌ جي نگران وڏي وزير ائي جي سنڌ ڪورڪمانڊر سنڌ سان ڳالهائيندس مغوين کي فوريبازياب ڪرايووڃي اقليتي برادري پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي جماعت سندس گڏ آهي امير جماعت اسلامي پاڪستان وڌيڪ چيو انهن لٽيرن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي هاڻي عوام کي انهن جي خلاف اٿي کڙو ٿين جو وقت اچي ويو آهي . سراج الحق جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں