55

ميروخان واسي نوجوان پنهنجي ئي رائفل مان مبينا گولي لڳڻ سبب فوت،

ميروخان واسي نوجوان پنهنجي ئي رائفل مان مبينا گولي لڳڻ سبب فوت، لاش لاڙڪاڻي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ڳوٺ عمر خان جتوئي آندو ويو، ڀائٽي قلندر بخش جتوئي کي قمبر ويندي ڪار ۾ پنهنجي رائفل مان گولي لڳي جنهن بعد ٿڏي تي فوت ٿي ويو. چاچو امداد جتوئي. خبر موجب : ميروخان ويجهو ڳوٺ عمر خان جتوئي جو رهواسي 35 ورهين جو ڳوٺاڻو قلندر بخش جتوئي مبينا طور پنهنجي ئي رائفل مان گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي فوتي جي چاچي امداد علي جتوئي ٻڌايو ته ڪم سانگي ڪار ۾ لاڙڪاڻي کان ايس ايس پي آفيس قمبر وڃي رهيا ھياسين ميتلا اسٽاپ ڀرسان ڀائٽي قلندر بخش جتوئي کي جهولي ۾ رکيل پنهنجي ئي رائفل مان اچانڪ فائر ٿيڻ سبب گولي لڳي وئي جنهن ۾ هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ سندس جو لاش لاڙڪاڻي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ڳوٺ عمر خان جتوئي کڻائي آياسين ٻي پاسي فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو واضع رهي ته ٻه هفتا اڳ مبينا زمين جي پئسن جي ڏيتي ليتي جي ڳالھ تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ فوتي قلندر بخش جتوئي جي وڏي ڀاءُ 45 ورهين جي عشرت جتوئي کي قتل ڪيو ويو هو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں