54

سنڌ هاءِ ڪورٽ نوڪرين تي لڳايل پابندي واري حڪم  ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ نوڪرين تي لڳايل پابندي واري حڪم  ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ڌرين کي ٽن ڏينهن اندر نوٽيس تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

 سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪنهن به ڌر کي نوٽيس ۽ درخواست جي ڪاپي نه ملي آهي، جيڪڏهن ڪنهن اداري وٽ درخواست جي ڪاپي نه هجي ته جواب ڪيئن ڏيندو؟ ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته سڄي نظام کي مذاق بڻايو ويو آهي

 سموريون نوڪريون واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي، عدالتي حڪمن باوجود سڄي سڄي رات آفيسون کليل رهيون، پراڻين تاريخن ۾ اپائنٽمينٽ ليٽر ڏنا ويا ۽ اهو ڪم 10 ڏينهن هلندو رهيو، سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وڃي

جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڪيترين نوڪرين جا اشتهار ڏنا ويا ان جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي ڊپٽي ڪمشنر جي نوڪري ڏني پئي وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں