58

لاڙڪاڻو رتوديرو شهر جي فتح پور محلي جي رهواسڻ نينگري مبينا ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي وئي

لاڙڪاڻو رتوديرو شهر جي فتح پور محلي جي رهواسڻ نينگري مبينا ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي وئي

ل رتوديرو شهر جي فتح پور محلي جي رهواسڻ 7 ورهين جي نينگري ڪنزه ڌي ظهير سومرو کي بخار سبب چلڊرين ايمرجنسي وارڊ داخل ڪرايو ويو جتي فوت ٿي وئي

ان موقعي تي نينگري جي وارثن ظهير سومرو غفار سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن جو بهتر علاج نه ٿيڻ سبب ڪنزه فوت ٿي وئي آهي

ٻارڙي جي وارثن صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن کان پڇاڻو ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

ٻئي طرف اسپتال انتظاميه رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته لڳايل الزام بي بنياد آهن نينگري جي طبيعت خراب هئي جنهن کي آڪسيجن لڳل هئي جنهن کي وارثن پاڻي پياريو جنهن سبب نينگري فوت ٿي وئي آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں