56

نورين مهر قتل ڪيس وارو معاملو

نورين مهر قتل ڪيس وارو معاملو
،
ڄامشورو ڊسٽرڪٽ اينڊ جينڊر وائز ڪورٽ / ۾ نورين فاطمه مهر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،

جنهن ۾ عدالت پاران ٻڌڻي بعد 2 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

ڄامشورو جي عدالت ايڊيشنل سيشن جج 2 جي عدالت ۾ نورين فاطمه جي قتل ڪيس جي فريادي منصور سومرو جي وڪيل ايڊوڪيٽ مير احمد منڱريو جا دليل ٻڌڻ بعد

2 جوابدار احسن مهر ۽ احمد علي مهر جي ضمانت لاءِ وڌل درخواست رد ڪري ڇڏي،

جوابدار عدالت مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب،

ياد رهي تہ نورين مهر کي پنج مهينا اڳ ڀانن ۾ قتل ڪيو ويو هو جنهن جي ايف آئي آر سندس دعويدار مڙس منصور سومرو جي فرياد تي نورين جي ڀاء محسن مهر احسن مهر، ۽ چاچي احمد علي مهر ۽ تي داخل ڪيو ويو هو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں