57

بجليءَ جي بلن ۾ ٽيڪسز جي اوڳاڙي خلاف واپاري تنظيمن جي سڏ تي ملڪ گير هڙتال

ڪراچي: بجليءَ جي بلن ۾ ٽيڪسز جي اوڳاڙي خلاف واپاري تنظيمن جي سڏ تي ملڪ گير هڙتال، مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن

 سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، نصرپور، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين شهرن ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي

 سکر شهر جون مک بازارون شاهي بازار، صرافه بازار، گهنٽا گهر چوڪ، غريب آباد، اناج مارڪيٽ ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز بند پيل آهن

 ميرپورخاص شهر ۾ به شٽربند هڙتال، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ به هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

 بجليءَ جي بلن ذريعي ٽيڪسز جي اوڳاڙي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، رليف نه ملڻ جي صورت ۾ ڌرڻن ۽ تحريڪ تيز ڪرڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں