53

عدالت پاران آزاد ڪرڻ جي حڪم باوجود پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ٻيهر گرفتار

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران آزاد ڪرڻ جي حڪم باوجود پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ٻيهر گرفتار، عدالت  9 مئي واري ڪيس ۾ گرفتار حليم عادل شيخ جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو

 پوليس حليم عادل شيخ کي عدالت آڏو پيش ڪندي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت پوليس جي استدعا رد ڪندي حليم عادل شيخ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو

 حليم عادل شيخ عدالت مان ٻاهر نڪتو ته پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، حليم عادل شيخ کي گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو هو

 حليم عادل شيخ خلاف فيروز آباد ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيل آهي، گذريل ڏينهن به عدالت طرفان عدالت ٻاهران پوليس هٽائڻ جي حڪم باوجود حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪيو ويو هو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں