52

پيپلزپارٽي جي قيادت دبئي ۾ ديرا ڄمائي ورتا

پيپلزپارٽي جي قيادت دبئي ۾ ديرا ڄمائي ورتا، دبئي ۾ موجود آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۽ پنجاب مان ٻين اڳواڻن کي به سڏائي ورتو آهي

 اڳوڻا صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر شاهه به دبئي پهچي ويا، ذريعن موجب اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ به اڄ شام دوبئي روانا ٿيندا

 ذريعن موجب دوبئي ۾ گڏجاڻين دوران سنڌ سميت ملڪ جي سياسي صورتحال بابت مشاورت ڪئي ويندي، سنڌ ۾ نيب جي پ پ اڳواڻن ۽ اڳوڻن وزيرن خلاف شروع ڪيل انڪوائرين ۽ ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي

 آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ اهم فيصلن جا امڪان آهن، ياد رهي ته نگران حڪومت اچڻ بعد اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ شروع ٿي وئي آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں