54

راڻيپور جي حويلي مان گم ڄاڻايل ناري ثناءَ گراماڻي واري واقعي جو ڪيس داخل

خيرپور (رپورٽر) راڻيپور جي حويلي مان گم ڄاڻايل ناري ثناءَ گراماڻي واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ناري ثناءُ جي والد ديدار حسين جي مدعيت ۾ پير سهيل شاهه سميت 6ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

فريادي ڪيس ۾ موقف ڏنو آهي ته پير سهيل شاهه ڌيءَ ثناءَ کي پئسن عيوض اغوا ڪري وڪڻي ڇڏيو، ثناءَ جي رشتي تان تڪرار هلندڙ  هو، ڌيءَ کي امانت طور حويلي ۾ ڇڏي  آيا هئاسين

فريادي جو چوڻ آهي ته ڌيءَ کي وٺڻ ويس ته سهيل شاهه چيو ته آمريڪا مان مهمان پيا اچن، حويلي  ۾ڪم آهي، بعد ۾ اچجو

20ڏينهن بعد سهيل جي ڀاءُ پير شاهي  شاهه فون ڪري ٻڌايو ته ثناءَ صبح جو پنهنجي ناني جي گهر هلي وئي آهي

فريادي موجب ڌيءَ کي سهيل شاهه، سندس سالي امجد  مشوري، رياض مشوري ۽ ان جي زال ارشاد  قتل يا اغوا ڪري وڪڻي ڇڏيو آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں