71

بخشاپور: ڪچي ۾ ڳوٺاڻي کي اغوا ڪرڻ دوران سوگها ڪيل 3 ڌاڙيل فرار

بخشاپور جي ڪچي ۾ ڳوٺاڻي کي اغوا ڪرڻ دوران سوگها ڪيل 3 ڌاڙيل فرار ٿي ويا

گبلو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻي کي اغوا دوران ڀاڳين پاران پڪتل ٽن ڌاڙيلن کي سندن ساٿي آزاد ڪرائي ويا

علائقي واسين موجب ڦر دوران ڌاڙيل هڪ ڳوٺاڻي کي اغوا ڪري ڪچي وڃي رهيا هئا ته ڀاڳيا پهچي ويا هئا

علائقي واسين موجب ڀاڳين مغوي کي آزاد ڪرائي ٽن ڌاڙيلن کي يرغمال بڻائي ورتو ته سندن ساٿي به پهچي ويا

ڌاڙيل ڳوٺاڻن سان هڪ  ڪلاڪ تائين فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ٽنهي ساٿين کي آزاد ڪرائي فرار ٿي ويا

ذريعن موجب ڀنگوار گينگ جي ڌاڙيلن جي ٻيڙي تي سوار ٿي فرار ٿيڻ واري وڊيو سامهون اچي وئي،

ڳوٺاڻن ڌاڙيلن جي موٽرسائيڪل ۽ ڪيترائي هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں