77

سنڌ جي ناليواري فنڪار جگر جلال کي ثقافت کاتي وساري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(بيورورپورٽ) سنڌ جي ناليواري فنڪار جگر جلال کي ثقافت کاتي وساري ڇڏيوحضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي سميت ٻين درگاھن تي فن جو مظاھري لاءِ نه گھرائڻ تي جگر جلال جو احتجاج.سنڌ جي ناليواري راڳي جگر جلال صحافين سان ڳالھائيندي چيوآھي ته ثقافت کاتو ٻه اکيائي وارو رويو اختيار ڪري رھيوآھي ھڪ پاسي نون سيکڙاٽ فنڪارن کي ھزارين روپيه بجيٽ ڏيئي پروگرامن ۾ فن جومظاھروڪرڻ جوموقعوڏنوٿووڃي ته ٻئي پاسي سينيئر فنڪارن کي نظراندازڪيوپيووڃي ھن چيوته مان يڪتاري چپڙي جي بي تاج بادشاھ فنڪار جلال چانڊيو جو شاگرد آھيان پر افسوس جو ثقافت کاتي ۾ ويٺل اعليٰ عملدارمسلسل ڪن لاٽار ڪري مون کي ڪنھن به سرڪاري سطح تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ نه ٿا گھرائين.جگر جلال جو وڌيڪ چوڻ ھوته مون کي لطيف سائين جي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ فارملٽي طور دعوت نامو موڪليوويو۽ڪنھن به ثقافت کاتي جي عملدار فون ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ۽ چيوويوته اوھان ڏينھن جو پروگرام ۾ پرفارمنس ڪيوڀٽائي جي ميلي ۾ ٿيندڙ رات وارن پروگرامن ۾ صرف من پسند فنڪارن کي گھرايوويوآھي جيڪي ثقافت کاتي وارن جا پسنديدھ فنڪار آھن.ھن مطالبوڪيوته جيستائين ثقافت کاتي جا عملدار پنھنجو رويودرست نه ڪندا ۽ مون سان رابطو نه ڪندا تيستائين احتجاج جاري رھندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں