56

مغوي جا 30 لک ايس ايس پي شڪارپور جي پي اي اياز کيڙو وٽ پهچايو ته وقار کچي کي آزاد ڪنداسين. ڌاڙيلن جو مبينا پيغام

مغوي جا 30 لک ايس ايس پي شڪارپور جي پي اي اياز کيڙو وٽ پهچايو ته وقار کچي کي آزاد ڪنداسين. ڌاڙيلن جو مبينا پيغام

لاڙڪاڻو: ڪجهه ڏينهن اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل وقار کچي جي وارثن ڏانهن مغوي جا آزادي لاء 30 لک ايس ايس پي شڪارپور جي پي اي اياز کيڙو وٽ پهچائڻ جو ڌاڙيل پاران مبينا پيغام بعد مغوي وقار کچي جا وارث پريشان ٿي ويا. جڏهن ته ڌاڙيلن مغوي وقار کچي کي ٻنهي پيرن ۾ مبينا گوليون هڻي وارثن ڏانهن وڊيو به موڪلي ڏني جنهن ۾ مغوي وقار کچي وارثن کي 30 لک ڌاڙيلن کي ڏيڻ جون منٿون پيو ڪري. ٻئي پاسي مغوي وقار کچي جا وارث هٿ ۾ قرآن کڻي ڌاڙيلن کي منٿون پيا ڪن ته اسان ڀڳل ٽٽل گهر ۾ رهڻ وارا ۽ مشڪل سان هڪ ويلو ماني کائڻ وارا ٽيهه لک ڪٿان آڻيون؟ وارثن پاران آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کي پڻ معيارون ڏيندي چون پيا ته ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ لاء جيڪا پوليس بيهاري وئي آهي ان اسان لاء وڌيڪ مشڪلاتون پئده ڪيون آهن. مهرباني ڪري اسان جي لخت جگر مغوي وقار کچي فوري آزاد ڪرائي اسان کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں