50

تعليم کاتي سنڌ جي ايڇ آر سيڪشن ۾ وڏي اسڪينڊل جو انڪشاف

تعليم کاتي پاران سنڌ ۾ 4 هزار353 پرائمري ٽيچرز ڀرتي ڪيا ويا، بايو ميٽرڪ لسٽ ۾ 6 هزار 183 استادن جي رجسٽر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو

ڪراچي : تعليم کاتي سنڌ جي ايڇ آر سيڪشن ۾ وڏي اسڪينڊل جو انڪشاف ٿيو آهي، تعليم کاتي سنڌ جي ايڇ آر سيڪشن ۾ وڏي اسڪينڊل جو انڪشاف ٿيو آهي

تعليم کاتي پاران سنڌ ۾ 4 هزار353 پرائمري ٽيچرز ڀرتي ڪيا ويا، بايو ميٽرڪ لسٽ ۾ 6 هزار 183 استادن جي رجسٽر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو

ڪراچي ايسٽ ۾ 284 استاد ڀرتي ٿيا پر رجسٽريشن لسٽ ۾ 474 استادن جا نالا اچي ويا، ملير ۾ 373 استاد ڀرتي ڪيا ويا پر بايوميٽرڪ لسٽ ۾ 377 استادرجسٽر ٿيا

ڄامشورو ضلعي ۾ 584 استاد ڀرتي ٿيا پر رجسٽريشن 687 استادن جي ڪئي وئي، ڪشمور ۾ 584 استادن کي ڀرتي ڪيو ويو، بايو ميٽرڪ لسٽ ۾ 688 استاد رجسٽر ڪيا ويا

گهوٽڪي ضلعي ۾ 804 استاد ڀرتي ٿيا پر بايو ميٽرڪ لسٽ ۾ 12 سئو 3 استاد اچي ويا، سکر ۾ 11 سئو 59 استادن جي ڀرتي ٿي، بايو ميٽرڪ تصديق 19 سئو 22استادن جي ڪئي وئي

نوشهرو فيروز ضلعي ۾ 586 استاد ڀرتي ٿيا، بايو ميٽرڪ تصديق 15سئو 62 استادن جي ڪئي وئي

ڀرتي ڪيل رجسٽر ڪيل استادن جي انگ ۾ ڦيرڦار تعليم کاتي ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، سيڪريٽري تعليم انگ اکر طلب ڪري ورتا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں