60

ٺٽي ۾ معدني وسيلن تي ڌاڙو، روزانو 35 لکن جي معدنيات وڪرو، 29 سالن کان رائلٽي استعمال نه ٿي، 7 ارب کاڄي ويا

ٺٽو؛ معدنيات کاتي ٺٽي جي ڪوهستاني ۽ جابلوڪي پٽي جي هزارين ايڪڙن جي ايراضيءَ مان ڪروڙين روپين جي معدنيات جي ٿيندڙ ٺيڪن باوجود ٺٽي ضلعي جي رائلٽي 29 سالن کان بند پيل آهي، ضلعي کي اربين رپيا نه ملي سگهيا

“ روزاني بينظير ٽائمز  ” جي گڏ ڪيل رپورٽ ۾ معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ضلعي جي وسيع ڪوهستاني ۽ جابلو پٽي جي هزارين ايڪڙن تي مشتمل معدني ذخيرن جي هرسال نيلامي ٿيندي آهي پر معدنيات کاتي ٺٽي کي مقرر رائلٽي جي مد ۾ ملندڙ 25 سيڪڙو حصو گذريل 29 سالن کان بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري ضلعي کي اربين رپيا ملي نه سگهيا آهن ۽ ڪوهستاني توڙي جابلو علائقو ترقي کان محروم آهي. ٺٽي ضلعي مان گولڊن ماربل، چن جو پٿر، فلنٽ اسٽون، بينٽونائٽ، چاڪ، ڊولومائٽ، روڙي (گريول)، ليٽريٽ، مورام ، ڪوارٽز ٽي سينڊ ، اسٽون ريڊوشر، شيل ڪلي اينڊ ڪلي، سليڪا واري، هاٽ لائم اسٽون، پٿر، ريتي، بجري، ميٽ ۽ ڪوئلو روزانو هزارين ٽن نڪري رهيو آهي جن جون ليزون معدنيات پاران ڳرين رقمن عيوض ڏنيون آهن پر ان جو عوام کي ڪو به فائدو نه پيو ملي

معلوم ٿيو آهي ته معدنيات کاتي گذريل سال 2022 ۽ 2023ع جي رائلٽي جو ٺيڪو 22 ڪروڙ جڏهن ته  ايڪسائيز ڊيوٽي جو ٺيڪو 6 ڪروڙ روپين ۾ ڏنو. سال 1994ع ۾ معدنيات جي ڪيل ٺيڪي جي رقم مان 75 سيڪڙو ٺٽي جي ضلعي ڪائونسل کي ملندي هئي پر پوءِ ان کي گهٽائي 25 سيڪڙو ڪيو ويو جيڪو پڻ 1994ع کان بند آهي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي هزارين ايڪڙن جون ليزون کڻندڙ بااثر ڌرين مقرر ليز ٿيل زمين جي ڀر وارين زمينن تي قبضا ڪري معدنيات ڪڍي رهيون آهن. ٺٽو: معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي ڪوهستاني ۽ جوبلوعلائقن مان روزانو 700 کان 900 ٽرڪن ۽ ٽرالرن ذريعي معدنيات ڪراچي، حيدرآباد سميت ملڪ جي ٻين صوبن شهرن ڏانهن اماڻي وڪرو ڪئي ويندي آهي

معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي مختلف هنڌن تي قائم ڪيل ناڪن تان في 6 ويلر ٽرڪ کان رائلٽي ، ايڪسائيز ۽ ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ ٽيڪس جي مد ۾ 1200 ، 10 کان 22 ويلرن کان 15 سئو کان 28 سئو رپيا وصولي ڪئي پئي وڃي. معلوم ٿيو آهي ته معدنيات کاتو ۽ ٺيڪيدار توڙي بااثر دڪي مالڪ روزانو 30 کان 35 لک رپين تائين ڪمائي رهيا آهن. ضلعي ٺٽي ۾ معدنيات جون 200 ليزون جاري ڪيون ويو آهن. 2022 ۽ 2023ع جي ٺيڪي جو مدو ختم ٿيڻ باوجود هن مهل تائين معدنيات جي نيلامي ناهي ڪئي وئي پر معدنيات جو وڪرو جاري

هي. جيڪو ڪم ساڳيا ٺڪيدار ڪري رهيا آهن. هڪ مهيني ۾ 10 ڪروڙ 50 لک ۽ ساليانو هڪ 1 ارب 26 ڪروڙ جي معدنيات نڪري ٿي. هيستائين مجموعي طور تي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي 7  ارب کان مٿي رقم نه ڏني وئي آهي. جنهن سبب ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته درگاھ بولا شاھ غلام الله، لائم اسٽون پراجيڪٽ مڪلي اسٽيل مل، سيمنٽ فئڪٽري لڳ ۽ ٺٽو حيدرآباد روڊ ڀرپاسي توڙي جھمپير، جنگشاهي ۽ ٻين هنڌن تي 25 کان مٿي ڪريش پلانٽ قائم ڪيا ويا آهن جتي ڪٽائي ٿيڻ ڪري خوبصورت جبل زمين دوز ٿي پنهنجي فطري سونهن وڃائي ختم ٿي رهيا آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں