56

ڪنڊيارو ويجهو مزاحمت تي چورن هٿان نوجوان قتل

ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ حاجي خان گوپانگ ۾ رات دير سان نامعلوم چورن سان مبينه مزاحمت تي گهر ڌڻي 30 ورهين جي نوجوان راشد گوپانگ کي چورن گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
اهڙي اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل نوجوان جو لاش تعلقا اسپتال آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارث ڳوٺ کڻائي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي وارثن اطلاع ڏنو آهي، نوجوان کي چورن مزاحمت تي گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں