44

اليڪشن ڪميشن جلد عام چونڊن لاءِ تڪ بندين جي مدي ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن عام چونڊون جلد ممڪن بڻائڻ لاءِ تڪ بندين جو مدو گهٽائي ڇڏيو آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي صدارت هيٺ اڄ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي پارٽين جي راءِ ۽ مشاورت تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ عام چونڊن جي شيڊول ۽ تڪ بندين بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي مشاورت ۽ راءِ کانپوءِ تڪ بندين جو مدو گهٽايو آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته هاڻي تڪ بندين جي پڌرائي 30 نومبر تي ٿيندي ۽ تڪبندين جو مدو گهٽائڻ جو مقصد جلد چونڊون ممڪن بڻائڻ آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ شيڊول جو اعلان به تڪ بندين جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.
چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪ بندين جي شفافيت کي يقيني بڻائيندي.
ياد رهي ته ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن تڪ بندين جو مدو 14 ڊسمبر تي مقرر ڪيو هو پر ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن عام چونڊن جي حوالي سان ملڪ جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون هيون، جنهن ۾ سمورن سياسي اڳواڻن اليڪشن جلد ڪرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، جلد کان جلد يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں