53

اوگرا تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) به تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي 38 رپيا 97 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي وئي

اوگرا ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي 11.8 ڪلو گهريلو سلنڈر 459 رپيا 85 پئسا مهانگو ٿي 2 هزار 833 روپيا 49 پئسا ٿي ويو

اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي في ڪلو جي نئين قيمت 240 رپيا 12 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ تي فوري عمل ڪيو ويندو

واضح رهي ته گذريل رات پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به واڌ ڪئي وئي هئي، پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 91 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 44 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي هئي

ٻئي طرف تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ريلويز به ٽرين جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں