51

ٽرينن جي ڀاڙن ۾ به واڌ ٿي وئي

لاهور: پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ريلوي به ٽرينن جا ڀاڙا وڌائي ڇڏيا.
پاڪستان ريلوي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ريلوي جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ تي عملدرآمد سڀاڻي 2 سپٽيمبر کان ٿيندو.
ياد رهي ته گذريل رات وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 305 رپيا 36 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت 311 رپيا 84 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں