58

لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا علائقي واسين ٻن ٻارڙن کي بچائي ورتو ٻڏي ويل هڪ نينگر جي ڳولا جاري

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا، ٻن ٻارڙن کي علائقي واسين بچائي ورتو، ريسڪيو 1122 ٻڏي ويل نينگر جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي شهر جي بازيگر پل وٽ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران 3 ٻارڙا 9 سالن جو ساحل، 7 سالن جو مان علي ۽ 4 سالن جو شايان مڱريو ٻڏي ويا جن مان ٻڏي ويل 2 ٻارڙن ساحل ۽ مان علي مڱريو کي علائقي واسين بچائي ورتو جڏهن ٻڏي ويل نينگر جي لاش جي ڳولا جاري آهي. ان موقعي تي ٻڏي ويل نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا ٽئي ٻارڙا رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ لاءِ لٿا جتي هو ٻڏي ويا جن مان ٻن ٻارن ساحل ۽ مان علي کي علائقي واسين بچائي ورتو جڏهن ته شايان علي مڱريو ٻڏي ويو آهي. هنن ضلعي انتظاميه کي اپيل ڪئي ته ٻڏي ويل نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي. ان حوالي سان ريسڪيو 1122 جي انتظاميه ٻڌايو ته ٻڏي ويل نينگر جي سڃاڻپ ڪتب ڪالوني واسي 4 سالا شايان پٽ شبير مڱريو طور ٿي آهي. ٻڏي ويل نينگر جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين ٻڏي ويل نينگر جو پتو نه پئجي سگهيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں