59

دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لنڊ محله جي رھواسڻ مسمات مومل زال امام الدين کوسو دادو پريس ڪلب پھچي وئي

دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لنڊ محله جي رھواسڻ مسمات مومل زال امام الدين کوسو دادو پريس ڪلب پھچي وئي

مسمات مومل مڙس جي تشدد خلاف سخت احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانھيون ته منھنجي 6 سال اڳ ٽيڪنيڪل ڪاليج دادو جو ملازم امام الدين کوسو سان شادي ٿي ھئي منھنجي مڙس جون اڳ ۾ به ٻه شاديون ٿيل آھن مون سان ھڪ سال تائين صحيح ھيو ھن مان مون کي ھڪ ٻار به آھي

گهر ۾ ان کان پوء اسان جا جيھڙا جھڳڙا ٿيندا رھيا مائٽن ۽ ماءُ جي گھر نه ڇڏيندو ھو ھن چيو ته مون کي مسلسل مارڪٽ ڪرڻ بعد مون کي قيد ڪري ڇڏيو هيو

مسمات مومل چيو ته مون کي مارڪٽ ڪرڻ بعد مون کي ۽ منھنجي ننڍڙي پٽ کي رات جي پهر ۾ گھران ڪڍي ڇڏيو آھي ھن چيو ته مون ڪورٽ طلاق جي درخواست ڏني آھي مان ھن وقت پنھنجي ماءُ جي گھر رھان ٿي ھن چيو ته اسان کي اسان مائٽن کي گھرن تي وڃي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي

ھن ظالم مڙس مان مون کي ۽ منھنجي معصوم پٽ خطرو آھي مسمات مومل وڌيڪ چيو ته سيشن ڪورٽ دادو آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدراآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ٿي ڪريان ته پنھنجي مڙس مان خطرو آھي مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت مان پٽ سميت ايس ايس پي آفيس اڳيان پاڻ ساڙيندس جنھن جي ذميواري مڙس جي مٿان هوندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں