67

شھدادپور ؛وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي خلاف  انجمن تاجران سنڌ جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال ڪري دڪاندارن پاران سخت احتجاج ڪري ڇتي نعريبازي

شھدادپور ۾ واپڊا طرفان ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس مڙھي ڳاٽي ٽوڙ موڪليل بجلي جي بلن تيل جي واڌيل قيمتن ۽ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي خلاف انجمن تاجران سنڌ جي سڏ تي شاھي بازار ڪپڙا مارڪيٽ بوٽ مارڪيٽ سونارا بازار واڻ بازار سميت ٻيا مک ڪاروباري علائقا ۽ بازارون مڪمل بند ڪري شٽر بند ھڙتال ڪري دڪاندارن پاران سخت احتجاج ڪري ڇتي نعريبازي,

شھدادپور ۾ انجمن تاجران سنڌ جي سڏ تي بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس مڙھي موڪليل ڳاٽي ٽوڙ بلن تيل جي واڌيل قيمتن ۽ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي خلاف شاھي بازار ڪپڙا مارڪيٽ بوٽ مارڪيٽ سونارا بازار واڻ بازار سميت شھر جا ٻيا مک ڪاروباري علائقا ۽ بازارون مڪمل بند ڪري شٽر بند ھڙتال ڪري انجمن تاجران اڳواڻن جاويد قريشي ڪنور جميل سعيد راٺوڙ حاجي رفيق قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دڪاندارن پاران بجلي جا بل کڻي احتجاج ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ واپڊا طرفان صارفين کي بلن ۾ غيرقانوني۽ ناجائز ڪيترائي ٽيڪس مڙھي ڳاٽي ٽوڙ بل موڪلي جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي حڪومت مسلسل تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري جيئڻ جو جنجال بنائي ملڪ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي ۽ مھنگائي پڻ عروج تي پھچائي ڇڏي آھي ھنن مطالبو ڪيو تہ بجلي جي بلن ۾ مڙھيل غيرقانوني ۽ ناجائز ٽيڪسن کي فوري ختم ڪري ڳاٽي ٽوڙموڪليل بلن کي فوري ختم ڪري تيل جي وڌايل قيمتن کي واپس ڪري عوام کي رليف ڏئي مھنگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان شھري ۽ دڪاندار سراپا احتجاج بڻجي نہ بجلي ڪاٽڻ ڏينداسين نہ نہ ميٽر لاھڻ ڏينداسين نہ ئي بجلي جا ڳاٽي ٽوڙ موڪليل بل ڀرينداسين ھنن پاڪستان جي حڪمرانن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ھنن چتاء ڏيندي حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي,

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں