53

سنڌ جي درگاهن ۾ سرچ آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان

نگران سرڪار پاران چائيلڊ ليبر روڪڻ لاءِ سنڌ جي سمورين درگاهن ۾ سرچ آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي صوبائي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ڪراچي ۾ ساٿي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ اڻ پڙهيل مريد پيرن تي انڌو يقين ڪري پنهنجا ٻار ۽ عورتون حويلين ۾ اماڻين ٿا

ميڊيا ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ٻارن جي جبري پورهئي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، راڻيپور جي حويلي مان وڌيڪ 7 ٻارن ۽ 3 عورتن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، انهن جا به ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويندا

هن ٻڌايو ته فاطمه قتل ڪيس جي جوابدار اسد شاهه کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو، اسد شاهه کان نئين سر پڇاڳاڇا ڪئي ويندي، ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس جي نئين جي آءِ ٽي ٻيهر جاچ شروع ڪندي

شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي خبر آهي ته ڪٿي آهن، ڪچي ۾ جلد ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ويندو، نگران سرڪار جي ڪا به سياسي ايجنڊا نه آهي، سياسي ماڻهن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي خبر نه آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں