50

عدالت ۾ پيشي دوران حليم عادل شيخ ۽ آغا سراج دراني ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ

ڪراچي: دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ حليم عادل شيخ وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران ٿيل ملاقات ۾ آغا سراج دراني حليم عادل شيخ کان پڇيو ته اوهان ته سنڌي ٽوپي پائيندا آهيو، اڄ انگريزن جي ڪيپ ڪيئن پاتل آهي؟ جنهن تي حليم عادل شيخ کلي جواب ڏنو ته سر غلطي ٿي وئي.

آغا سراج دراني کان پڇيو ته اوهان جي مٿي تي هميشه سنڌي ٽوپي هوندي هئي، اڄ سنڌي ٽوپي ڇڏي انگريزن جي ٽوپي ڪيئن پاتي آهي؟ جنهن تي حليم عادل شيخ چيو آغا صاحب اوهان جا مهمان آهيون ان لاءِ هن ٽوپي ۾ آهيون،گهر مان اچان ها ته سنڌي ٽوپي پائي اچان ها.

پ  پ اڳواڻ چيو ته اوهان اسيمبلي ۾ هوندا آهيو ته منهنجا مهمان هوندا آهيو، هتي اوهان منهنجا مهمان نه آهيو. پي ٽي آءِسنڌ جي صدر حليم عادل شيخ آغا سراج دراني کان پڇيو ته اوهان خيريت سان آهيو جنهن تي آغا سراج دراني جواب ڏنوته مون کي ڇا ٿيندو مان بالڪل خيريت سان آهيان.

صحافي طرفان آغا سراج دراني کان سوال پڇيو ويو ته ڇا اوهان حليم عادل شيخ کي تحفي ۾ ٽوپي ڏيندو جنهن تي آغا سراج دراني چيو ته گهر پهچڻ کان پوءِ حليم عادل شيخ کي ٽوپي جو تحفو ضرور ڏيندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں