53

اليڪشن ڪميشن 3 سالن کان وڌيڪ صوبن ۾ مقرر آفيسرن کي وفاق ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن 3 سالن کان وڌيڪ صوبن ۾ مقرر آفيسرن کي وفاقي گادي واري شهر ۾ گهرائي ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي جاري ڪيل خط ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽرٽ گروپ، او ايم جي ۽ ايڪس ڪيڊر آفيسرن کي فوري طور تي وفاق ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

خط ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان 3 سالن کان وڌيڪ صوبن ۾ مقرر آفيسرن کي وفاق ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان پوليس ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس کان علاوه سمورن ڪيڊر جي آفيسرن کي واپس وفاق ڏانهن گهرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي فهرست 3 کان 4 ڏينهن ۾ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں