52

وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بڻيل، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي: ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، عام واهپي جي شين ۾ رڪارڊ واڌ ۽ بيروزگاري وڌڻ سبب غريب ماڻهو هڪ وقت جي ماني لاءِ پريشان ٿي ويو آهي. مهانگائي سبب پورهيت، مزدور طبقو آپگهات ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي. ان حوالي سان ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ اڏيتر جي رهواسي راجا سوناڻي ميگهواڙ مهانگائي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته حڪمرانن جي غلط ۽ عوام دشمن پاليسين سنڌ ۾ رهندڙ پورهيتن جا ٻچا بک وگهي مري رهيا آهن مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آي جنهن ڪري غريب مزدور طبقو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهي.

قمبر شهدادڪوٽ ۾ به وڌندڙ مهنگائي، بجلي جي بلن ۾ اضافي ۽ ٽيڪس لڳائڻ خلاف پ پ شهيد ڀٽو طرفان انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ موجوده نگران حڪومت خلاف گڏھ تي پتلو رکي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو مظاهرين  بروهي محلا مان گڏھ تي پتلو کڻي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب پهتا ان موقعي تي محمد جان بروهي، ڪامريڊ اياز ميرجت سميت ٻين اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ نگران حڪومت ايندي ئي مهنگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي طرفان ٻه ڀيرا پيٽرول جا اگهه وڌائي  غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي غريب عوام هڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهن هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي رليف ڏنو وڃي

خيرپور ۾ مهراڻ فرنيچر ايسوسيئشن ۽ آرا مشين خيرپور جي پورهيتن طرفان ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ پيٽرول، بجلي سميت مختلف شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف نم موڙ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو  مظاهري جي اڳواڻي عبدالحفيظ سومرو۔ خادم معمود ۔ استاد امان الله شيخ ۔ مشتاق ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا  ان موقعي تي مظاهرين چيو ته نگران حڪومت  ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي  مهنگائي سبب  غريب عوام ٻن ويلن جي ماني کائڻ کان به محروم ٿي ويو آهي ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن  غريب عوام مٿان هميشه مهانگائي جو بم ڪرائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي  مظاهرين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي  سک سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

جروار  ۾ سياسي سماجي اڳواڻن  ۽  شھرين پاران ملڪ ۾ آئي ڏينھن پيٽرول ۔ ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ سبب  وڌندڙ  مھانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سياسي سماجي اڳواڻن۔ شھرين سيٺ ھشمت رام، مکي درشن، ڪرم علي بوزدار، سونارو خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  مين چوڪ تي احتجاجي مظاھروڪيو ويو. ۽ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي  مين چوڪ تي احتجاج  ڪندي اڳواڻن  نگران حڪومت جي پاليسي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاھرين پاران ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته پي ڊي ايم ء نگران حڪومت تيل جي قيمتن م بار بار اضافو ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته کاڌي پيتي جي شين م رڪارڊ اضافي سبب عوام بک بدحاليءَ جو شڪار بڻجي چڪي آهي ۽ حڪمران ڪرپشن ڪرڻ م مصروف آھن ھنن مطالبو ڪندي چيو ته تيل جي قيمتن کي فوري طور واپس ورتو وڃي جئين مزدور پيشا ماڻھو سک جو ساھ کڻي سگھن ۽ پيٽ گذر ڪن  آخر ۾ پاڪستان زنده آباد جا به نعرا ھنيا ويا

ٻين شهرن جيان اوٻاوڙوي جي شهر مريدشاخ ۾ به مهنگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو. مريدشاخ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي ۽ نااهل حڪمرانن خلاف شهري رستن تي نڪري آيا ان موقعي تي مختيار احمد دشتي، گلاب دشتي ، محمد امين دشتي، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت ڏينهون ڏينهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن شهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجي فيصلي کي واپس نه ورتو ته عوام روڊن تي نڪري ايندي پو۽ حڪومت انهن کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نه سگهندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں