59

مظفر آباد: برسات دوران تيز رفتار ڪار نيلم درياءَ ۾ ڪري پئي، هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت

مظفر آبادآزاد ڪشمير جي  گادي واري شهر  مظفر آباد جي ڏوراهين علائقي پٽهڪه چهون واري هنڌ ڪار حادثي جو شڪار ٿي نيلم درياءَ ۾ ڪري پئي.

اختيارين موجب ڪار مظفر آباد کان ڳوٺ جهينگ طرف وڃي رهي هئي ته رات وقت تيز برسات دوران ترڪڻ سبب سوين فٽ هيٺ نيلم درياءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي.

اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪار کي صبح جو مقامي ماڻهن درياءُ ۾ ڏٺو جنهن  کان پوءِ مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو اهلڪارن امدادي ڪارروايون ڪندي هڪ عورت کي زخمي حالت ۾ ڪڍي ورتو.

افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ هڪ عورت ۽ 3 مرد شامل آهن جڏهن ته لاشن کي ڪڍي اباڻي ڳوٺ جهينگ طرف روانو ڪيو ويو آهي.

حادثي بابت پوليس جو موقف آهي ته رات جو وقت هجڻ سبب ڪنهن کي به حادثي جي خبر نه پئجي سگهي هئي. صبح جو واٽهڙن جي نظر پوڻ تي حادثي جي اطلاع ملي. جنهن کان پوءِ ڪارروايون شروع ڪيون ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں