47

پنجاب ۾ ڊينگي جا وار جاري: هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 70 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

لاهور: پنجاب ۾ ڊينگي جا وار جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 70  نوان مريض رپورٽ ٿيا آهن. لاهور جي سيڪريٽري هيلٿ موجب هلندڙ سال پنجاب جي 36 ضلعن ۾ ڊينگي جا 1415 مريض رپورٽ ٿيا آهن. لاهور ۾ گذريل ڏينهن 36 نوان مريض سامهون آيا جنهن کان پوءِ هلندڙ سال لاهور ۾ 542 مريضن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي آهي.

هيلٿ کاتي جي سيڪريٽري موجب راولپنڊي ۾ گذريل ڏينهن 17 نون مريضن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي جنهن کان پوءِ هلندڙ سال ڊينگي جا ٽوٽل 260 مريض رپورٽ ٿيا آهن. صحت واري سيڪريٽري موجب فيصل آباد ۾ گذريل ڏينهن 5 نون مريضن جي تصديق ٿي جنهن کان پوءِ هلندڙ سال فيصل آباد ۾ ڊينگي جي ٽوٽل مريضن جو انگ 109 ٿي ويو. ملتان ۾ گذريل ڏينهن 9 نون  ڊينگي مريضن جي تصديق ٿي آهي.

پنجاب جي صحت بابت سيڪريٽري ٻڌايو ته گوجرانوالا ۾ ڊينگي جا 4، شيخوپوره ۽ گجرات ۾ 2-2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته مظفر ڳڙهه ۽ سرگودها ۾ ڊينگي جو هڪ، هڪ  نئون مريض سامهون آيو.

پنجاب جي اسپتالن ۾ هن وقت ڊينگي جا ٽوٽل 77 مريض علاج هيٺ آهن جن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. لاهور ضلعي جي اسپتالن ۾ هن وقت ڊينگي جا ٽوٽل 31 مريض علاج هيٺ آهن. پنجاب جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن جي لاءِ 2678 بيڊ رکيا ويا آهن. صوبي جي اسپتالن ۾ 71 بيڊ ڊينگي جي مريضن جي استعمال هيٺ آهن.

لاهور جي صحت بابت سيڪريٽري چيو آهي ته ڊينگي کان بچڻ جي لاءِ شهري پنهنجي ماحول کي صاف ۽ خشڪ رکن. ڊينگي کي روڪٿام جي لاءِ شهري صحت کاتي جي ٽيمن سان تعاون ڪن. ڊينگي بخار جي علاج، ڄاڻ يا شڪايت جي لاءِ صحت کاتي جي فري هيلپ لائين 1033 تي رابطو ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں