60

جيڪب آباد ۾ 31 عورتن سان اجتماعي زيادتي، جزا ميچ نه ٿيڻ تي جوابدار آجا، راڄوڻي ٺاهه

جيڪب آباد ۾ 5 سالن دوران عورتن سان 31 اجتماعي زيادتي جا واقعا رپورٽ، صرف 4 ڪيسن ۾ جوابدارن جي ڊي اين اي رپورٽ ميچ، 13 ڪيسن جي جوابدارن مٿان داخل ڪيس، راڄوڻي ٺاهه بعد ڪينسل ڪلاس ٿي ويا، رپورٽ موجب جيڪب آباد ضلعي ۾ 2018 کان 2023 تائين 5 سالن دوران عورتن سان31 زيادتي جا واقعا رپورٽ ٿيا

جن ۾ 29 واقعا اجتماعي زيادتي جا آهن، مليل ڄاڻ موجب 2018 ۾ عورتن سان زيادتي جا 6 واقعا رپورٽ ٿيا، جن مان 4 اجتماعي زيادتي جا واقعا هئا، ٺل جي ڳوٺ خان محمد سومرو ۾ 37 ورهين جي عورت کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، باهو کوسو جي ڳوٺ واحد بخش کوسو ۾ 35 ورهين جي عورت کي وحشت جو نشانو بڻايو ويو، ڳوٺ سوڍو خان بنگلاڻي ۾ 12 ورهين جي نينگري کي 11 جوابدارن حوس جو نشانو بڻايو

ساڳي ئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جونگل ۾ 36 ورهين جي عورت جي به عزت لُٽي وئي، ٺل ۾ ڊيرهه موڙ واسڻ 27 ورهين جي ناري اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻي، سال 2019 ۾ 5 زيادتي جا واقعا رپورٽ ٿيا، جن مان 3 اجتماعي زيادتي جا واقعا هئا، اي ڊي سي ڪالوني واسڻ 27 ورهين جي عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ٺل ۾ 16 ورهين ناري کي جوابدارن پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو، سٽي ٿاڻي جي حد ۾ عورت اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿي، باهو کوسو ٿاڻي جي حد ۾ ناري سان ٻن ڄڻن لڄالٽ ڪئي، سول لائن ٿاڻي جي حد ڪامورا لائن واسڻ 14 ورهين جي ناري کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته 2020 ۾ عورتن سان زيادتي جا 7 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 6 ڪيس اجتماعي زيادتي جا هئا، تاجوديرو ٿاڻي جي حد دائو جهانپور ۾ ناري اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿي، سول لائن ٿاڻي جي حد ۾ 18 ورھين جي ناري جي لڄ لُٽي وئي

ساڳئي ٿاڻي جي حد ۾ 17 ورهين جي ناري سان اجتماعي زيادتي جو ڪيس سامهون آيو، صدر ٿاڻي جي حد ۾ 28 ورهين جي ناري ڏاڍائي جو شڪار ٿي، 25 ورهين جي ناري جي عزت لُٽي وئي، ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 25 ورهين جي نفسياتي مريض ناري کي به جوابدارن بخش نه ڪيو، جڏهن ته 18 ورھين جي ناري سان 5 جوابدارن زيادتي ڪئي، سال 2021 ۾ عورتن سان 7 زيادتي جا واقعا رپورٽ ٿيا، جن ۾ 6 واقعا اجتماعي زيادتي جا هئا، جڏهن ته 2023 ۾ ٻه ڪيس رپورٽ ٿيا، ڳوٺ آصف کوسو ۾ جوابدارن خيرات جي نالي نشي آور کير ڏئي ناري سُکان سان اجتماعي زيادتي ڪئي، نشي آور کير واپرائڻ سبب ناري سُکان جي سس پيرسن عورت وزيران فوت ٿي وئي

جڏهن ته اجتماعي زيادتي جي شڪار ناري سُکان ٻن هفتن تائين اسپتال ۾ داخل هئي نيٺ هو به زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي، واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا، سڀئي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪنهن ڪيسن ۾ جزا ملي نه سگهيا ته ڪٿي وري بااثر ڪيسن مٿان اثرانداز ٿي ويا، جڏهن ته اڪثر عورتن سان زيادتي جي داخل ٿيل ڪيسن ۾ وارثن مٿان دٻاءُ وجهي راڄوڻي تحت ٺاهه ڪرايو ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں