49

تربت ۾ ليويز اهلڪارن جي فائرنگ، عورت مارجي وئي

تربت ۾ ليويز اهلڪارن جي فائرنگ، عورت مارجي وئي، تربت ۾ ليويز اهلڪارن جي جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپي دوران فائرنگ  سبب گھر ڌياڻي مارجي وئي

آبسر ۾ پوليس جوابدار عبيد جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپيو هنيو، جوابدار فرار ٿيڻ لڳو ته پوليس فائرنگ ڪري ڏني

ليويز ذريعن موجب جوابدار ڀڄڻ دوران پوليس تي فائرنگ ڪئي، مقابلي دوران جوابدار جي گولي لڳڻ سبب عورت فوت ٿي

فوتي عورت جي وارثن پاران عورت  کي پوليس جي گولي لڳڻ جو الزام هڻندي انصاف جي گهر ڪئي وئي آهي

علائقي واسين موجب واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گھرجي جيئن اڳتي ڪو  بيگناهه قتل نه ٿئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں