51

مڙس کان پوءِ هاڻ مون کي به سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي: بشريٰ بي بي

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي امڪاني گرفتاري خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

درخواست ۾ هن نيب، ايف آءِ اي سميت ٻين کي ڌر بنائيندي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري آهيان منهنجي مڙس کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي.

بشريٰ بي بي چيو ته نيب، ايف آءِ اي، پنجاب پوليس سميت ٻين ادارن بي بنياد ۽ قانون جي خلاف ڪيس داخل ڪري رکيا آهن. مڙس کان پوءِ هاڻ مون کي به سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي.

بشريٰ بي بي استدعا ڪئي ته جون 2022 کان اڳ منهنجي خلاف  ڪو ڪيس يا انڪوائري ٻڌڻي هيٺ نه آهي. مون کي جون 2022 کان وٺي هينئر تائين داخل ڳجهن ڪيسن، انڪوائري، انويسٽيگيشن جا تفصيل ڏنا وڃن. عدالت طرفان ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں