58

مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري

نينگر جئي ديپ ڪمار، مکي جگديش ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين جي اغوا خلاف هندو پنچائت جي سڏ تي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري، ٽنهي صوبن ڏانهن ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل، مظاهرين ڳالهين لاءِ پهتل ايس ايس پي امجد شيخ کي موٽائي ڇڏيو، ايس ايس پي امجد شيخ 24 ڪلاڪن جي مهلت گهرندي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن احتجاج ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، ايس ايس پي امجد شيخ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري سان گڏ ٻيهر ڌرڻي ۾ پهتو، 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏيڻ ۽ روڊ کولڻ جي اپيل، ڌرڻي ۾ موجود دوست محمد مزاري ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسان مزاري پاران به ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل، هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ ڌرڻي ۾شامل ٻين ماڻهن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان ٻيهر به انڪار ڪري ڇڏيو، مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ به شٽربند هڙتال، شهرين جو مک چوڪ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو ۽ علامتي بک هڙتال، ڌرڻي ۾ تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻين جي به شرڪت، بخشاپور، ڪرمپور ۽ بڊاڻي ۾ به شٽربند هڙتال، هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابيءَ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، تيغو خان تيغاڻي ۽ ٻين ڪچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں