50

بلوچستان جي پهرين عورت ايس ايس پي فريال فريد چارج سنڀالي ورتي

ڪوئيٽه: بلوچستان جي پهرين عورت ايس ايس پي بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙ فريال فريد ايس ايس پي جعفرآباد جي چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
جعفرآباد جي آفيس پهچڻ تي پوليس دستي کيس سلامي ۽ گلدستو پيش ڪري ڀليڪار چيو.
ايس ايس پي جعفرآباد فريال فريد آفيس پهچندي ئي سڄي ضلعي جي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ميٽنگ طلب ڪئي.
ياد رهي ته جعفر آباد سنڌ ۽ بلوچستان جو سرحدي علائقو آهي، جتي قومي شاهراهه جي مسئلن سميت امن امان برقرار رکڻ سدائين هڪ چئلينج رهيو آهي.
هري پور سان واسطو رکندڙ فريال فريد جو مڙس ڊاڪٽر سميع ملڪ به بلوچستان ۾ ئي نصيرآباد ضلعي جو ايس ايس پي مقرر آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں