58

ڌاڙيلن مون کي ڪا تڪليف نه ڏني، شايد اڇي ڏاڙهي جو خيال رکيو ويو: مکي جگديش

ڪنڌڪوٽ ؛بازياب ٿيل مکي جگديش ڪمار ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويو، بي ٽي وي  نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي

ڌاڙيلن وٽان بازياب ٿي پهتل مکي  جگديش ڪمار گهنٽاگهر چوڪ وٽ قائم احتجاجي ڪيمپ تي پهچي ويو

بي ٽي وي  نيوز سان ڳالهائيندي مکي جگديش چيو ته ڌاڙيلن ڪا به تڪليف نه ڏني،  منهنجي لاءِ ڌار دال تيار ڪئي ويندي هئي

هن چيو ته ڌاڙيلن مون کي ڪا تڪليف نه ڏني، شايد اڇي ڏاڙهي جو خيال رکيو ويو، هنن چيو ته توکي 16 ڏينهن ۾ آزاد ڪيو ويندو

مکي جگديش ڪمار چيو ته پهريان هنن 15 کان 16 ڏينهن ۾ آزادي جو چيو، پوءِ آيا ته توکي جلد آزاد ڪنداسين، ڪراچي جي تين تلوار کان وٺي ڪنڌڪوٽ تائين ڌرڻا لڳي ويا آهن

جڏهن ته هڙتال سبب شهر جي گهنٽاگهر چوڪ،  ڊي سي روڊ، صرافا بازار، مين بازار  سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند پيل آهي، اڳواڻن چيو ته جيستائين سڀئي مغوي  بازياب نه ٿيندا تيستائين هڙتال ۽  احتجاج جاري رهندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں