117

ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جو مڙس بلال شاهه گهر پهچي ويو

ڪراچي: پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جو مڙس بلال شاهه گهر پهچي ويو آهي. بلال شاهه جي والده شهزادي بيگم سندس گهر پهچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

حريم شاهه جي سس شهزادي بيگم چيو آهي ته بلال ڪجهه ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو پر هو ڪالهه رات 12 وڳي گهر پهچي ويو آهي.

هن چيو ته بلال واپس اچڻ جي باري ۾ اڃان تائين ڪجهه نه ٻڌايو آهي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ڏنل وڊيو بيان ۾ حريم شاهه دعويٰ ڪئي هئي ته سندس مڙس بلال شاهه کي ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو آهي. حريم شاهه چيو هو ته منهنجي مڙس جي اغوا ۾ ڪير ملوث آهن انهن جي خبر مون کي نه آهي منهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي درخواست آهي ته منهنجي مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں