75

ساگر کي 24 ڪلاڪن ۾ ڇڏائڻ جي خاطري تي تاريخي ڌرڻو ختم، 65 شهرن ۾ مظاهرا، ريليون

ڪراچي :ڪشمور ھندو پنچائت ۽ ايس ايس پي امجد شيخ ۾ ڳالهيون ڪامياب، مغوي ساگر ڪمار 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري، ھندو پنچائت ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، ڊيرا موڙ وٽان ٽريفڪ بحال، سنڌ جي 56 شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، روڊ بند، ڪجهه شهرن ۾ هڙتال، خبر موجب ڪشمور ھندو پنچائت ۽ ايس ايس پي امجد شيخ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد سنڌ پنجاب بلوچستان دنگ ڊيرا موڙ وٽ لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ڳالهين ۾ ايس ايس پي مغوي ساگر ڪمار کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ھندو پنچائت ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد ڊيرا موڙ وٽان انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽريفڪ بحال ٿي وئي

هندو پنچائت اڳواڻن ۽ ايس ايس پي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ ڪنڌڪوٽ واسڻ نازيا کوسو، سندس نياڻي ڪوثر کوسو ۽ بخشاپور واسي ظھير خالدي جي بازيابي بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي، مغوين جي وارثن ايس ايس پي امجد شيخ آڏو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي ۾موجود قومپرست اڳواڻن زين شاهه، صنعان خان قريشي ، پنهل ساريو، عائشا ڌاريجو، ميان عبدالحسيب قادري ۽ ٻين ھندو پنچائت جي ڌرڻي ختم ڪرڻ واري اعلان تي چيو ته ڪشمور واسين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان اظهار يڪجھتي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي

  ڌرڻي جي ڪاميابي کانپوءِ پوري سنڌ ۾ ڌرڻا لڳا ۽ احتجاجن بعد 3 مغوي بازياب ٿيا، جيڪڏهن ھندو پنچائت ڌرڻو جاري رکي ھا ته ساگر ڪمار سميت ٻيا مغوي به بازياب ٿين ھا، هواڏنهن ڪنڌڪوٽ ۾ هندوپنچائت جي سڏ تي 5 ڏينهن به هڙتال ڪئي وئي، سياسي سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر ميهرچند، تارا چند، حاجي حضور بخش مغل، اڪرم باجڪاڻي، سجاد بروهي، اي ڪي اوڳاهي ۽ ٻين چيو ته سڀئي مغوي بازياب ٿيڻ تائين هڙتال جاري رهندي، بڊاڻي ۾ هندو برادري پاران پنجين ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري رکي وئي، جڏهن ته استاد مولچند، استاد ششپالداس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، بخشاپور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ پنجين ڏينهن به شٽربند هڙتال ڪئي وئي جڏهن ته هندو برادري پاران گرونانڪ مندر کان روهيت ڇاٻڙا، لال داس سوني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، حيدرآباد ۾ڪوهستان سان لاڳاپيل سماجي تنظيم وائيس آف ڪوهستان پاران اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻي ۾ آل اسٽوڊٽس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن سعيدالله چانڊيو، فرمان کوسو، سجاد پنھور، وڪيل جکراڻي، آفتاب گوپانگ، زبير جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، نوابشاهه ۾ ڪامريڊ ذوالفقار رستماڻي، استاد اقبال جمالي، سومر ڀنگوار، عاقب نقوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بُک هڙتال ڪئي وئي، قمبر ۾ نوجوانن آصف ٻرڙو، عبدالستار جوڻيجو، اوشاق چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، شڪارپور ۾ ھندو پوڄ پنچائت جي سڏ تي گوپال داس، روي ڪمار، ستياپال، گھنشام پرڪاش لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊوالهيار ۾وڪيل منصور حيدر جروار، فهد راشدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جيڪب آباد ۾ هندو پنچائت پاران لال چند سيتلاڻي، احمد علي بروهي، مظفر رند، ڊاڪٽر اي جي انصاري، يوسف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالستار لھراڻي، امر امتياز ميمڻ، ماجد راڄپر، اقبال راڄپر، اسد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو ويو، سانگهڙ  ۾ جبار جوڻيجو، علي ڏنو خاصخيلي، يونين آف جرنلسٽ اڳواڻ محمد حسن لانڊر، ڏاڙهون جانوري، ميان طفيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، مٺي ۾  وڪيل برادري ۽ سول سوسائٽي پاران مصطفيٰ هنڱورجو، رائسنگهه سوڍو، ارباب رضوان،  شام لهاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ سول سوسائٽي، هندو پنچائت، قومپرست پارٽين طرفان  اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

ڄامشوري ۾ سول سوسائٽي پاران سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ٻٻرلوءِ ۾ هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال، چندر ڀان بختيارپوري، معصوم پريا ڪماري جي والد راجو مل، مفتي سعود افضل هاليجوي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو ويو، خيرپور ناٿن شاهه ۾ 15 کان وڌيڪ سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي، سيتاروڊ جي سياسي سماجي تنظيمن پاران مين ڦاٽڪ چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو، جوهي ۾ ڪشمور ڌرڻي جي حمايت ۾  مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي طرفان ڊاڪٽر منظور چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو

گولاڙچي ۾ جسقم طرفان جسقم جر سينئر وائيس چيئرمين اسماعيل ناز نوتڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، دڙو ۾ نيو ويزن فورم، عوامي تحريڪ،  جسقم، قومي عوامي تحريڪ، پ پ شھيد ڀٽو  پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، گهارو ۾ علماءِ ايڪشن ڪاميٽي، واپاري ايسوسيئيشن، اقليتي برادري ۽ سول سوسائٽي پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، تلهار ۾ جسقم آريسر گروپ پاران حيدرآباد بدين  شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ھالا ۾ڪيلن  خالد ظھور بيگ، مصطفيٰ سومرو، راڻا ستار، حڪيم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، اوڏيرولال ۾ ساجد ھڪڙو، سائين بخش ھڪڙو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سيوھڻ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ شھرين محمد نواز رند، شبير ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، ميھڙ ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران عبدالحميد سومرو، مجيد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو، سن ۾ ايس يوپي، ايس ٽي پي، جسقم ۽ سول سوسائٽي طرفان  انور مڱڻھار، عنايت الله شاھاڻي  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

اڄ  انڊس ھاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، شيخ ڀرڪيو ۾ نوجوان اتحاد جي اڳواڻن امام علي ٿهيم، ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، جهڏو ۾ باشعور فورم طرفان عزيز گل، جيرام داس صوفي، ونود ڪمار، امولک داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اسلام ڪوٽ ۾ سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران اشرف سمون، محسن لنجو، سيد ڀورل شاھ، ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ملڪاڻي شريف ۾ سول سوسائٽي پاران ديدار ڀيل، رزاق دلواڻي، انس لغاري، لونگ ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊوباگو ۾ ھندو پنچائت ۽ سول سوسائٽي طرفان ڪامريڊ اشو لوھاڻو، هريش ڪمار، ارشاد خواجا، منظور سمون، ڌرمون مل لوھاڻي ۽ جيوت رام جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جھمپير ۾ جسقم، عوامي تحريڪ، جميعت علماءِ اسلام، پ پ شھيد ڀٽو، يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران مڪيش ڪمار، رشيد درس، زاھد ڪوھستاني، عالم زھري، سراج پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، گھوڙاٻاريِ ۾ جسقم اڳواڻ راشد شاهه ڀاڏائي، سعيدو خان چانڊيو، ياسر حميد شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪيو

ميرپوربٺورو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران اسلم خيرپوري، بابو عثمان ميمڻ، عمران ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪيٽي بندر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ سميت سياسي سماجي ڌرين اسلم سمون، غلام نبي سمون، ڪامريڊ دريا خان جت، مشتاق مٺو لاشاري، شفيع ميمڻ ۽ ٻين  احتجاج ڪيو، کورواهه ۾ نوجوان سٿ ۽ سول سوسائٽي پاران ذيشان، علي محمد مري، عثمان مهيري، ڪامريڊ وڪيو ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، نئون ديرو ۾ سول سوسائٽي طرفان ۽ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران ڪامريڊ حسين بخش ناريجو، سليم چنا، عدنان کوکر، راحيل ڪلهوڙو، سرتاج شيخ ۽ ٻيجي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، باڊھه ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران باڊھه بچايو تحريڪ جي سڏ تي ڊاڪٽر مولابخش جوڻيجو، محمدعلي خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

باقراڻي ۾ جسقم ڪارڪنن، سياسي سماجي اڳواڻن، شھرين ۽ صحافين ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، چڪ ۾ هندو پنچائت ۽ شهرين غلام قادر مهر، راجڪمار تلريجا، آزاد بخاري، استاد راهي، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ڳڙھي حسن ۾ قلم ڌڻين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين يار محمد ڪنڊراڻي، شھزاد ڀنگر، غلام رباني سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، باھو کوسو ۾ سول سوسائٽي ۽انٽيليڪيچوئل فورم جي سڏ تي تبسم کوسو ۽ منٺار گھنڃو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، سنگرار ۾ مغوين جي آزادي لاءِ شهرين احتجاج ڪيو، بوزدار وڏا ۾ قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو، ايڊوڪيٽ سجاد سولنگي، ڪامريڊ مير حسن بوزدار، مير لالڻ ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، خانپور مهر ۾ هندو ينگ جنريشن، هندو مينگهواڙ پنچائت، جماعت اسلامي، جسقم ڪارڪنن ۽ شهرين ڌرڻو هنيو، فيض گنج  ۾ تصوير باقي، شاز خادم، رحمت شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جمال شاهه ۾ جي ڊبليو سي جي سڏ تي قادر بخش ڏاهري ۽ صدورو مھر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

شاهپورچاڪر ۾ صوفي راڳي مانجهي فقير جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ٻانڌي ۾ پ پ شھيد ڀٽو، جسقم، سول سوسائٽي ۽ ھندو برادري پاران مفتي افتخار عباسي، طارق جاويد آرائين، محبوب پنڃارو، بادل بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو، دوڙ ۾ ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، امان سنڌي، بادل بروهي، فيروز لغاري، شمس الدين کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جروار ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻن وڪي ڪمار، مڪيش ڪمار، ايس ٽي پي اڳواڻ محمد بخش گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سٺ ميل ۾ پرڪاش ڪمار، لال چند، مڪيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ نوجوانن احتجاجي ريلي ڪڍي، کپرو ۾ آزاد ڪنڀر، مھراڻ سنڌي، خيرل پهوڙ  ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپورماٿيلو ۾ اياز کھاوڙ، رمضان ڪلوڙ، زاھد ميراڻي، نصرالله گڏاڻي، ڪڪو رام، اياز شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڍورونارو ۾ گل منير ولھاري، ڪامريڊ روشن مڱريو، ڪامريڊ نند لال ميگھواڙ، راشد بابا ڀٽي، ستار چوپاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، نئون ڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، عوامي تحريڪ، جسقم ،سنڌي ادبي سنگت، سول سوسائٽي، واپاري ايسوسيئيشن پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڪلوئي ۾ مولوي رمضان لنڊ، نصرالله لشڪري، ناز نواز بلوچ، نريش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنري ۾ جيون ساگر ميگھواڙ، نھال ميگھواڙ، ڀرت لکاڻي، رمضان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو

پٿورو ۾ به اعجاز آريسر، مڪيش ڪمار جسواڻي، منظور آريسر، يعقوب نھڙي، اڪبر پلي، اظھر ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سامارو ۾ خان محمد خاصخيلي، سريش مالھي، ھر لال، امر روشن بھراڻي، ناز فقير شاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، شھدادپور ۾ هندو پنچائت پاران ونود ڪمار، پرمانند، امان ناگرا ۽ واسو مل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، نبي سرروڊ ۾ ذيشان چانڊيو، صوفي امين چانڊيو، لالو لوھاڻي، سنيل لوھاڻي، سنجي ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته ته هندو برادري سميت سموري ضلعي جي شعور جي جدوجهد سبب مکي جگديش ڪمار، جئديپ ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن، هنن چيو ته ساگر ڪمار جي بازيابي جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جيڪڏهن بازياب نه ٿيو ته ٻيهر احتجاج ڪبو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں