59

سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم دفاع جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: 6 سيپٽمبر 1965ع تي دشمن جي وار جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي اڄ سڄي ملڪ ۾ 58هون يوم دفاع ملي جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

اڄوڪي ڏينهن 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارتي وزيراعظم لال بهادر شاستري پاڪستان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته برطانوي وزيراعظم هيرالڊ ولسن ڀارتي جارحيت جو نوٽيس وٺندي ڀارت کان جنگبندي جي اپيل ڪئي.

فيلڊ مارشل محمد ايوب خان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيوهو ته اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون. اسان جا بهادر سپاهي دشمن جا حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي چڪا آهن. انشاءَالله اسان جي هٿياربند فوج جرئت ۽ بهادري ثابت ڪندي. اسان جي بهادر فوج جو جذبو نه وسارڻ جوڳو آهي. پاڪ فوج دشمن جي هر وار جو منهن توڙ جواب ڏيندي.

6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت طرفان لاهور تي ڪيل حملن تي پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي حملن کي ناڪام بنائي ڇڏيو. پاڪ فوج طرفان واهگا ۽ بيديان واري هنڌ تي وقت تي ڪارروائي ڪندي ڀارتي حملا ناڪام ڪيا ۽ کين ڳرو نقصان پهچايو. جڏهن ته وڏي ڪارروائي سبب وڏي انگ ۾ ڀارتي فوجين کي جنگي قيدي بنايو ويو.

پاڪ فوج جي بهترين حڪمت عملي سبب لاهور جي هنڌ تي ڪيتريون ئي ڀارتي ٽينڪون، بندوقون ۽ ٻيو جنگي سامان تباهه ڪيو ويو جسر جي هنڌ تي جنگ کان پوءِ راوي درياءَ جو ڏاکڻو علائقو ڀارتي قبضي کان آزاد ڪيو ويو. قبضي کان آزاد ڪرايل علائقو ڀارتي فوجين جي لاشن سان ڀريل هو. لاشن جو انگ 800 تائين رپورٽ ڪيو ويو. ڀارتي فوج کي چهمب جي هنڌ تي به ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

جنگ دوران 35 ڀارتي فوجين کي جنگي قيدي بنايو ويو. پاڪ فضائه پٺاڻ ڪوٽ جي هوائي اڏي تي ڪامياب حملو ڪندي ڀارت جا 22 جهاز تباهه ڪيا. 1965ع جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام جو جوش ۽ خروش به ڏسڻ وٽان هو. هزارين شهري پنهنجي فوجي جوانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي نعرا لڳائي سندن حوصلا وڌائيندا رهيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں