58

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جيز کانپوءِ سنڌ جي 31 ايس ايس پيز جون بدليون

ڪراچي: ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جيز کانپوءِ آءِ جي سنڌ پوليس صوبي جي 31 ايس ايس پيز جي مقررين ۽ بدلين جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
نوٽيفڪيشن موجب طارق الاهي مستوئي کي ايس ايس پي ملير، حسن سردار احمد خان کي ايس ايس پي ڪورنگي، امجد احمد شيخ کي ايس ايس پي حيدرآباد، ابريز علي عباسي کي ايس ايس پي ٽنڊو الهيار مقرر ڪيو ويو آهي.
عمران قريشي ڪراچي ڏکڻ، امجد حيات سٽي ڪراچي، محمد عارف اسلم ڪياماڙي، مهزور علي ڪراچي اولهه، فيصل عبدالله چاچڙ ڪراچي سينٽرل، عرفان علي بهادر ڪراچي اوڀر، سليم خان ٽنڊو محمد خان، نور الحق رند مٽياري، محمد طارق نواز ڄامشورو، جڏهن ته شبير احمد سيٺار کي دادو ضلعي جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي.
محمد علي بخش عرف آفتاب نظاماڻي کي ٺٽي، قمر رضا جسڪاڻي بدين، حيدر رضا شهيد بينظير آباد، ڪيپٽن صدام حسين سانگهڙ، عابد علي بلوچ نوشهرو فيروز، عادل ميمڻ کي ميرپورخاص ضلعي ۾ ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي.
محمد علي مردان ٿرپارڪر، عبدالخالق عمرڪوٽ، عرفان سمون سکر، سميع الله سومرو خيرپور، منير احمد کهڙو گهوٽڪي، محمد آصف رضا شهدادڪوٽ، روهيل خان ڪشمور، خادم مصطفيٰ ڪورائي شڪارپور، سيد عامر عباس شاهه جيڪب آباد ۽ عبدالرحيم شيرازي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ايس ايس پي هوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں