70

امامن جو چاليهو: سنڌ ۾ تعليمي ادارا بند رهندا

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي سمورن ڪاليجن ۽ اسڪولن جي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي نگران حڪومت حضرت امام حسين عه ۽ سندن ساٿين جي چاليهي جي موقعي تي 7 سيپٽمبر تي عام موڪل جو فيصلو ڪيو آهي.
تعليم کاتي طرفان 7 سيپٽمبر تي سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهو فيصلو تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي طرفان ڪيو ويو.
ياد رهي ته چاليهي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڪرڻ لاءِ ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں