58

اسڪول ايندڙ عورتون ماسترياڻيون ناهن، ڀاءُ کي ڀيڻيوي سازش تحت ڦاسايو آهي:جوابدار جي ڀيڻ جا اهم انڪشاف

ڪراچي؛ ملير جي خانگي اسڪول ۾ ماسترياڻين کي جنسي زيادتي جو نشانو بنائڻ ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي

خانگي اسڪولن واري ڊائريڪٽوريٽ پاران جوڙيل ڪميٽي اسڪول جي وڊيوز کي وڌيڪ وائرل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ايف آءِ اي کي خط لکڻ جي سفارش ڪندي  انڪوائري رپورٽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي اماڻي ڇڏي آهي، ڪميٽي وڊيوز وائرل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ايف آءِ  اي کي خط لکڻ جي سفارش ڪئي وئي،

 تعليم کاتي جي خانگي اسڪولن واري ڊائريڪٽوريٽ پاران ملير جي هڪ خانگي اسڪول ۾ ماسترياڻين کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ توڙي وائرل ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي رپورٽ تعليم کاتي جي وزير کي اماڻي ڇڏي

ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪميٽي پاران اسڪول جي ماسترياڻين، خانگي اسڪول جي رسپشنسٽ ۽ گرفتار ٿيل جوابدار جي ڀيڻ سميت پاڙيوارن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا

ماسترياڻين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گرفتار ٿيل پرنسيپال جو اسڪول جي ڪنهن به فيميل اسٽاف سان اهڙو ڪو تعلق نه هو ۽ نه ئي وڊيوز ۾ نظر ايندڙ عورتون اسڪول جون ماسترياڻيون آهن، اهي عورتون شايد اسڪول جي وقت کانپوءِ اينديون هيون ۽  جن جو اسڪول سان ڪو به تعلق نه هو

 گرفتار ٿيل جوابدار جي ڀيڻ ۽ اسڪول ۾ رسپشنسٽ طور ڪم ڪندڙ ڇوڪري پنهنجي بيان ۾ چيو ته سندس ڀاءُ کي سندس سندن ڀيڻوئي سازش تحت ڦاسايو آهي، سندس ڀاءُ جو ڪو به ڏوهه ناهي

هوڏانهن ڪميٽي پاران رپورٽ ۾تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي سفارش ڪئي وئي آهي ته اسڪول اڻ رجسٽرڊ هجڻ باوجود اسڪول ۾ 300 کان وڌيڪ شاگرد داخل هئا ۽ 25 ماسترياڻيون مقرر ٿيل هيون،

ڪاميٽي موجب انهن شاگردن کي متبادل هنڌ تي تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن، ان کان علاوه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو سان شاگردن ۽ سندن والدين سميت سماج تي ان جا برا اثر پئجي رهيا آهن

ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي کي خط لکي انهي وڊيو کي وڌيڪ وائرل ٿيڻ کان روڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں