70

شڪارپور: جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

شڪارپور: شڪارپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪاروڪاري جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ ياسين جتوئي ۽ علي بخش جتوئي جي نالي سان ٿي آهي. پوليس مقتولن جا لاش کڻائي خانپور اسپتال آندا جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

گوليون لڳڻ سبب عطراڻي ڌر جا 2 نوجوان  قتل ٿي ويا جڏهن ته ڪمالاڻي ڌر جو شبير جتوئي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال اماڻيو ويو آهي.

ان حوالي سان پوليس جو موقف آهي ته جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي جنهن دوران فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں