ڪوئٽه: بلوچستان جي راڄڌاني جي ڏوراهين علائقي ۾ مبينه مقابلي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
پوليس موجب ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي اغبرگ ۾ ڪائونٽر ٽيرازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) جي دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. مارجي ويل سمورن ماڻهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.
مارجي ويل دهشتگرد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. سي ٽي ڊي جوابدارن جي استعمال هيٺ گهر مان خودڪش جيڪٽ، 5 دستي بم ۽ ڌماڪيدار مواد سميت ٻيون پابندي مڙهيل شيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.