64

نگران پنجاب حڪومت هاءِ ڪورٽ جي 11 ججز کي 36 ڪروڙ قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور: پنجاب جي نگران حڪومت هاءِ ڪورٽ جي 11 ججز کي 36 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

هاءِ ڪورٽ  جي ججز کي ڏنل قرض بنا وياج جي هوندا. ججز 12 سالن جي مدي دوران  هڪ روپئي وياج کان سواءِ اهو قرض واپس ڪندا. هاءِ ڪورٽ جي 11 ججز کي 3 سالن جي بنيادي پگهارن جي برابر قرض ڏنو ويو جيڪو سوا 3 ڪروڙ روپيه بڻجي ٿو.

فنانس بابت ڪابينه جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ايجنڊا نمبر 17، 18 ۽ 19 ۾ 11 ججز کي رقم  ڏيڻ جي حوالي سان آهي. انهن ججز جي بنيادي پگهار 9 لک روپيه ماهوار کان وڌيڪ آهي. ڪابينه جي اسٽينڊنگ ڪميٽي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انهن ۾ ڇهين نمبر تي جسٽس انوارالحسن به شامل آهي جنهن شوگر ملز جي حوالي سان حڪومت جي خلاف حڪم امتناعي جاري ڪري رکيا آهن.

سرڪاري آفيسرن کي ان کان اڳ بنا وياج قرض ڏيڻ جي اهڙي ڪابه مثال سامهون نه آئي آهي. حڪومت کان بنا وياج قرض وٺندڙ ججز ۾ جسٽس راس الحسن سيد، جسٽس شڪيل احمد، جسٽس محمد طارق نديم، جسٽس محمد امجد رفيق، جسٽس عابد حسين چٺه، جسٽس انور حسين، جسٽس علي ضياءَ باجوه، جسٽس راحيل ڪامران، جسٽس احمد نديم ارشد، جسٽس صفدر سليم شاهد ۽ جسٽس محمد رضا قريشي شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں