62

پنجاب جي شھر لاھور جي رھواسڻ نوجوان ناري ڪراچي جي نوجوان سان ميھڙ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

پنجاب جي شھر لاھور جي رھواسڻ نوجوان ناري ڪراچي جي نوجوان سان ميھڙ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو تحفظ ۽ انصاف جي گھر خبر موجب پنجاب جي شھر لاھور جي رھواسڻ نوجوان ناري مريم جدون ميھڙ جي عدالت ۾ ڪراچي جي اعظم بستي جي رھواسي نوجوان اسد الله ڀرٽ سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آھي مريم جدون ميھڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون اسد الله ڀرٽ سان پنھنجي رضا خوشي سان ميھڙ جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي آھي اسين ٻئي ھڪ ٻئي سان خوش آھيون. مريم جدون چيو ته مون کي پنھنجن مائٽن پنھنجي والد محمد اسحاق ، مامو اڪبر ، چاچو اختر وھاب ، ۽ ٻين مان جان جو خطرو آھي جيڪي مون کي ۽ منھنجي مڙس کي مارڻ چاھن ٿا.
ھن چيو ته مون پنھنجي والدين کي چيو ته منھنجو نڪاح اسد الله ڀرٽ سان ڪرايو پر ھنن نه مڃيو ھنن جنھن بعد مان ٽن ڪپڙن ۾ گھران نڪري ڪري پنھنجي مرضي سان اسد الله ڀرٽ سان نڪاح ڪيو آھي ھن چيو ته منھنجي مائٽن منھنجي مٿان پيسا ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ جا جيڪي الزام لڳايا آھن اھي سراسر غلط آھن ھن چيو ته منھنجي مائٽن مان مون کي ۽ منھنجي مڙس ۽ ان جي گھروارن کي جان جو خطرو آھي ھن آ۽ جي سنڌ ، ايس ايس پي دادو ، ء عدالت کان تحفظ ۽ انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو اھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں