54

حيدرآباد ۾ ناري ۽ معصوم ڌيءَ جا لاش والد جي گهر مان هٿ

حيدرآباد: قاسم آباد ۾ ڏهراج پلازه ۾ والد جي گهر مان ان جي ڌيءَ ۽ معصوم پوٽي جا گوليون لڳل لاش مليا آهن

اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

قاسم آباد پوليس موجب ناري جي سڃاڻپ 28 سالن جي مسمات ريشم زال عبدالفتاح چانڊيو جي نالي سان ٿي آهي

پوليس موجب ناري جي هٿ مان ٽي ٽي پستول به مليو سندس هڪ سال جي معصوم نياڻي امائره کي به گولي لڳل هئي

پوليس موجب واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف ٽيمن کي گهرايو ويو، ناري جي شادي ڪوٽڙي واسي عبدالفتاح چانديو سان ٿيل هئي جيڪا هڪ ڏينهن اڳ مڙس کان ناراض ٿي والد استاد افتخار چانڊيو وٽ رهڻ لاءِ آئي هئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں