78

سنڌ ۾ مهانگائي خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ۽ مظاهرا

ڪراچي :سنڌ ۾ مهانگائي خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن

سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بدامني خلاف توڙي مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف  شهرن ۾ شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا جاري آهن

ڏهرڪي ۽ گمبٽ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڳاٽي  ٽوڙ مهانگائي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪري ريليون ڪڍيون ويون، احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

لاڙڪاڻو، قمبر، جيڪب آباد، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، ڪنڊيارو، ميرپورماٿيلو، جوهي ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا، ٽنڊو غلام علي، ڪڙيو گهنور سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي،  پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ  لاءِ سنجيده نه آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کي آپگهات  ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، نگران  حڪومت به ڪو رليف ناهي ڏنو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں