64

فيض گنج ۾عورت ڀيڻ کان ناراض ٿي خوڪشي ڪري ڇڏي

فيض گنج: فيض گنج ۾ نوجوان ناري زھر پي آپگھات ڪري ڇڏيو، لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفن ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ ناري کي قتل ڪرڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن.
ڳوٺ راضي فقير لاشاري ۾ مبينا طور تي زهريلي دوا پي شادي شده 19 سالن جي فوزيه زال انصاف لاشاري خودڪشي ڪري ڇڏي.
اهڙي اطلاع تي فيض گنج پوليس لاش رورل ھيلٿ سينٽر فيض گنج منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب اسان لاش پوسٽ مارٽم لا اسپتال منتقل ڪرايو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر پڻ ڏنو پر آپگھات ڪندڙ ناري جي وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پوليس لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته فوزيه ڀيڻ سان ناراض ٿي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪئي آهي، وارثن پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪيو آھي.
هوڏانهن معلوم ٿيو آھي ته آپگھات ڪندڙ نوجوان ناري جي والد قتل جو شڪ ڏيکاريو ھو جنھن بعد پوليس لاش اسپتال منتقل ڪيو جتي آپگھات ڪندڙ عورت جي مڙس پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪيو.
هوڏانهن علائقي ۾ عورت کي زهر ڏئي مارڻ جا چوٻول آھن، جڏھن ته ڪوبه ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں