61

سنڌ حڪومت پاران عورتن جي تفريح لاء قائم ڪيل بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارڪ مسئلن جي ور چڙهي ويو.

سنڌ حڪومت پاران عورتن جي تفريح لاء قائم ڪيل بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارڪ مسئلن جي ور چڙهي ويو. جتي واڪ لاء ايندڙ عورتون شديد پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويون آهن. جڏهن ته عورتن جي تفريح لاء قائم ڪيل بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارڪ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو به ناقص بندوبست ٿيل آهي. پارڪ ۾ لڳل پاڻي جي ڪولر کي شهر جي مختلف هنڌان واڪ لاء ايندڙ عورتن چندو ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت درست ڪرايو جيڪو هينئر ٻيهر خراب ٿي ويو آهي پر ميونسپل توڙي ضلعي انتظاميه پاران ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي. ٻئي پاسي عورتن جي تفريح لاء قائم ڪيل بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارڪ ۾ سيڪيورٽي جا پڻ ناقص بندوبست هجڻ سبب مرد عورتن جو روپ مٽائي پارڪ ۾ اچڻ لڳا جنهن سبب عورتن کي خوف ۽ پريشاني لاحق ٿي رهي آهي. جنهن لاء ميونسپل ۽ ضلعي انتظاميه کي پارڪ جي گيٽ اندران ليڊيز پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ گهرجن ته جيئن پارڪ ايندڙ عورتون پرسڪون رهي سگهن. جڏهن ته عورتن سان گڏ ايندڙ ننڍن ٻارن لاء لڳايل جهولا به خراب هجڻ سبب ٻارن جي تفريح ۽ چاهه به ختم ٿيڻ لڳي. ان سلسلي ۾ عورتن جي تفريح لاء قائم ڪيل بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارڪ ۾ ايندڙ عورتن پاران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اوهان پنهنجي تڪ ۾ پنهنجي نالي تي ٺهيل پارڪ تي ٿورو ڌيان ڏئي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرائي تفريح لاء ايندڙ عورتن جي پريشاني کي پري ڪرايو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں