60

سنڌ ۾ پ پ خلاف اتحاد لاءِ (ن) ليگ، متحده، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ۾ رابطا

ڪراچي: سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي(پ پ پ) جي خلاف اتحاد جي لاءِ سياسي پارٽين جا رابطا شروع ٿي ويا آهن.

ذريعن موجب مسلم ليگ(ن)، متحده قومي موومينٽ پاڪستان(ايم ڪيو ايم) گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) ۽ جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) ۾ مشاورت جو سلسلو جاري آهي.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ وفدن جي  ڪيترين ئي ملاقاتن ۾ مختلف نڪتن تي اتفاق به ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي خلاف  سڄي سنڌ ۾ گڏيل اميدوار بيهارڻ تي اتفاق ٿيو آهي، اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته جنهن تڪ ۾ جنهن پارٽي جي اڪثريت هوندي اتان  کان ڪوبه اتحادي پنهنجو اميدوار نه بيهاريندو. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ذريعن ٻڌايو آهي ته متحده ڪنهن به سياسي اتحاد جو حصو نه بڻجندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں