50

مراڪش ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو

مراڪش ۾ خوفناڪ زلزلي سبب فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو جڏهن ته زخمين جو به انگ 12 سئو کان وڌيڪ آهي.

مراڪشي گهرو وزارت موجب زلزي سبب ٿيندڙ فوتگيون هينئر تائين 2 هزار تائين پهچي ويون آهن  جڏهن ته زخمين جو انگ 12  سئو کان ٽپي ويو آهي. اختيارين موجب زخمين مان 7 سئو 21 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ان کان علاوه اڃان تائين ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻيل آهن جنهن سبب فوتگين ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.

مراڪش ۾ زلزلي کان پوءِ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو طرفان امدادي ڪارروايون جاري آهن. اختيارين ٻڌايو آهي ته زلزل جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون آهن جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. ياد رهي ته مراڪش ۾ 1960ع ۾ زلزلي ۾ 12 هزار ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مراڪش ۾ زلزلي سبب نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ مراڪش جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. ٻئي طرف آمريڪا، برطانيه، روس، فرانس، اسپين ۽ ترڪي سميت متحده عرب امارات طرفان به زلزلي سبب فوتگين تي ڏک جو اظهار ڪندي هر ممڪن امداد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں