70

ايشيا ڪپ: پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون اڄ ڪولمبو ۾ آمهون سامهون ٿينديون

ڪولمبو: ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪ ڀارت جون ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون. هڪ طرف ڪرڪيٽ جي ماهرن جون اڳڪٿيون سامهون اچي رهيون آهن ته ٻئي طرف تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪرڪيٽ جي شوقينن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪ ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جو ٻيون ميچ اڄ ڪولمبو ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو. پر دنيا جي ڪرڪيٽ جي اهم ترين مقابلي کان اڳ آسمان تي ڪڪڙ ڇانيل آهن جنهن سبب ڪرڪيٽ جي شوقينن کي ڳڻتي ٿي وئي آهي، جڏهن ته هن وقت ڪولمبو ۾ سج نڪري آيو آهي.

موسمياتي ويب سائيٽ موجب اڄ ڪولمبو ۾ ڏينهن جي وقت 60 سيڪڙو تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ پوري هفتي ۾ ڪولمبو ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن.

اها ڳالهه به غور هيٺ آهي ته برسات سبب ميچ متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ سومر تي کيڏيو ويندو. ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل(اي سي سي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(وي سي سي) جي اعتراضن تي سومر تي بطور ريزرو ڊي رکڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

اڄ جيڪڏهن  برسات جي ڪري پاڪ ڀارت ميچ مڪمل نه ٿيو ته ميچ 11 سيپٽمبر تي به جاري رهندو ۽ اتان کان شروع ٿيندو جتان کان روڪيو ويو هوندو.

ميچ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪندي ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان اظهرالدين چيو آهي ته هن وقت پاڪستان جي ٽيم فارم ۾ آهي پر  ڪوهلي مان اميدون آهن.  پاڪستان جي اڳوڻي وڪيٽر ڪيپر معين خان چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ ڀارت کي پاڪستان اچڻ گهرجي ها. اڳوڻي رانديگر عبدالرزاق چيو ته ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جي باڊي لينگويج ڪمزور نظر اچي رهي آهي. ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪپل ديو چيو ته تمام گهڻيون شيون ٿيڻ گهرجن ها جيڪي نه پيون ڪيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں